سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليز خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليز خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِڪورٽ سڪرٽ بينچ حيدرآباد  ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس ذولفقار علي سانگي تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

معدنيات کاتي جي عملدار پاران عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، ثقافت کاتي جو ڪو به نمائندو عدالت ۾ پيش نه ٿيو.

معدنيات کاتي جي عملدار عدالت کي ٻڌايو ته مائنز اينڊ منرلز رولز 2023ع تحت اڳواٽ ئي پابندي لاڳو آهي، انهن علائقن ۾  ڪٽنگ يا مائننگ نٿي ڪري سگهيجي.

عدالت  22 آگسٽ تائين   ثقافت ۽ جهنگلي جيوت کاتي کان جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هائيڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ 22 آگسٽ تائين ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليز کان روڪيندي ٻڌڻي ملتو ي ڪري  ڇڏي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
35%
0.9m/s
0%
اڱارو
23 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون