تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هر ضلعي جي سيشن جج کي حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هر ضلعي جي سيشن جج کي حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ جي موجوده تعليمي سال اسڪولن ۾ درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس صلاح الدين پنهور ڪئي.

عدالت سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هر ضلعي جي سيشن جج کي حڪم ڏنو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ ڊيپوٽيشن يا ايڊهاڪ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ آفيسرن جا تفيصل به طلب ڪري ورتا.

عدالت حڪم ڏيندي چيو ته صوبي جي هر ضلعي ۾ ضلعي سيشن جج پنهنجي نگراني ۾ لاڳاپيل ضلعي جي جوڊيشل مجسٽريٽ کي اسڪولن جا دوران ڪري جائزو وٺي جاچ پڙتال ڪن ۽ هيڊماسترن کان رپورٽ طلب ڪن ته موجوده تعليمي سال اسڪولن کي درسي ڪتاب مليا آهن يا نه انهن جو به جائزو ورتو وڃي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي 9  آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي تعليم کاتي واري سيڪريٽري کي ذاتي حثيت ۾ پيش ٿي ڪري اڳڀرائي واري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
121,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
2.2 ° C
2.2 °
2.2 °
19 %
1.7kmh
2 %
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °
سُومر
14 °
اڱارو
11 °
اربع
10 °

تازه ترين خبرون