سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هر ضلعي جي سيشن جج کي حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هر ضلعي جي سيشن جج کي حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي موجوده تعليمي سال اسڪولن ۾ درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس صلاح الدين پنهور ڪئي. عدالت سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هر ضلعي جي سيشن جج کي حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ ڊيپوٽيشن يا ايڊهاڪ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ آفيسرن جا تفيصل به طلب ڪري ورتا. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته صوبي جي هر ضلعي ۾ ضلعي سيشن جج پنهنجي نگراني ۾ لاڳاپيل ضلعي جي جوڊيشل مجسٽريٽ کي اسڪولن جا دوران ڪري جائزو وٺي جاچ پڙتال ڪن ۽ هيڊماسترن کان رپورٽ طلب ڪن ته موجوده تعليمي سال اسڪولن کي درسي ڪتاب مليا آهن يا نه انهن جو به جائزو ورتو وڃي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي 9  آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي تعليم کاتي واري سيڪريٽري کي ذاتي حثيت ۾ پيش ٿي ڪري اڳڀرائي واري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.5 ° C
16.5 °
16.5 °
30%
2.4m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
23 °
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون