- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي حڪم تي سمن آباد جي علائقي مان گم ٿيل شهري ظفر عباس بازياب ٿي عدالت پهچي ويو.
سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته عدالت شهري جي بازيابي لاءِ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو هو آءِ جي سنڌ ته پيش نه ٿيو پر شهري بازياب ٿي عدالت ۾ پهچي ويو آهي.
شهرين جي بلا جواز گمشدگيءَ تي عدالت پاران پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.
عدالت اي آءِ جي ليگل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪم ڪندا ڪيو، عدالت کي ايئن مجبور ڇو ڪندا آهيو.
جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته جيڪڏهن ته ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي، پر ماڻهن کي گم ڪرڻ سان ڪم نه هلندو.
جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙوچيو ته جيڪڏهن گم ٿيل شهري بازياب نه ٿي ها ته آءِ جي سنڌ کي گهرائي کائنس پڇاڻو ڪيون ها ته شهري ڪٿي آهي.
عدالت شهري جي واپس اچڻ تي بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي………..- Advertisement -
