تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي وڪيل جي قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جون سزا خلاف اپيلون رد ڪندي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي وڪيل جي قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جون سزا خلاف اپيلون رد ڪندي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ڊويزن بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل محمد فاروق دليل ڏيندي چيو ته نويد ڀٽي، ساجد ۽ زاهد ٽئي جوابدار بئريسٽر مرتضيٰ چنائيءَ جي آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا.

هن چيو ته ٽنهي جوابدارن 25 آگسٽ 2011ع تي بئريسٽر مرتضيٰ چنائي کي قتل ڪيو.

فريادي جي وڪيل موجب جوابدارن وڪيل کي قتل ڪرڻ بعد سندس آفيس مان 20 لک رپين جي پرڏيهي ڪرنسي يورو، سيونگ سرٽيفڪيٽ وغيره چوري ڪيا.

وڪيل چيو ته مقتول جو لاش ڪراچي بار جي سيڪريٽري بئريسٽر صلاح الدين پوليس کان وصول ڪيو، سپريم ڪورٽ به ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

وڪيل موجب جوابدارن کي سي سي ٽي وي جي مدد سان پرڏيهي ڪرنسي مٽائڻ دوران گرفتار ڪيو ويو.

وڪيل چيو ته عدالت جوابدارن کي عمرقيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.

عدالت جوابدارن جون سزا خلاف اپيلون رد ڪندي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون