- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب جي سڌي چونڊ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اوهان اسيمبلي جي طريقيڪار خلاف دلال ڏئي رهيا آهيو، توهان جنهن اليڪشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ان جو ميئر جي اليڪشن سان ڪوبه تعلق ناهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب جي سڌي چونڊ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته توهان جيڪي دليل ڏئي رهيا آهيو ۽ انهن دليلن ۾ ريفرنس ڏئي رهيا آهيو اهي توهان جي حق ۾ نه پيا وڃن، ميئر جي چونڊ لاءِ پهرين پول ٺاهيا ويا، جنهن کانپوءِ چونڊون ڪرايون ويون.
چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته اوهان جا دليل انتهائي فلسفاڻا آهن، اهي دليل ڏيو جيڪي هن ڪيس سان لاڳاپيل آهن، فلسفا بيان نه ڪريو، اوهان اسيمبلي جي طريقيڪار خلاف دليل ڏئي رهيا آهيو.
درخواستگذر جي وڪيل طارق منصور دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو آرڊر موجود آهي، سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٻڻ حصن ۾ ٿيون، اليڪشن ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ به ترميم ڪئي وئي.
وڪيل دليل ڏيندي وڌيڪ چيو ته پولنگ جو ڏينهن هڪ سال تائين اڳتي وڌائيندا رهيا، عدالت ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اهي جنهن اليڪشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ان جو ميئر جي اليڪشن سان ڪوبه تعلق نه آهي، 2020ع ۾ چونڊ عمل شروع ٿئي ته ترميم متاثر نه ٿيڻ گهرجي.
وڪيل چيو ته ميئر ڪراچي جو ننڍين چونڊن ۾ حصو وٺڻ اليڪشن ايڪٽ جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي، مرتضيٰ وهاب جي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ به لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي.
چيف جسٽس چيو ته بل پاس ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي، گزيٽيڊ ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي، مخصوص چونڊيل ماڻهو ميئر ٿي سگهن ٿا.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته رولز موجب سرڪاري عهدي تي مقرر ڪوبه ماڻهو اليڪشن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي چونڊ مهم هلائي سگهي ٿو.- Advertisement -
