تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪنهن به قسم جي مشينري ننگرپارڪر کان 32 ڪلو ميٽر ٻاهر رکڻ جو حڪم

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪنهن به قسم جي مشينري ننگرپارڪر کان 32 ڪلو ميٽر ٻاهر رکڻ جو حڪم ڏيندي ڊي سي ٿرپارڪر، جهنگلي جيوت کاتي ۽ ايس ايڇ او کي قسم نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ننگر پارڪر جي ثقافتي ماڳ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليزن بابت ٻڌڻي ٿي.

جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سميت لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

سپريم ڪورٽ جو وڪيل سجاد احمد چانڊيو، عشرت لوهار ۽ شنڪر ميگهواڙ عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا.

ڊي سي ٿرپارڪر عدالت کي آگاھي ڏيندي چيو ته ڪارونجھر جي سائيٽ ڪليئر ڪرائي ڇڏي آھي، ننگرپارڪر جي 32 ڪلوميٽر اسڪوائر فٽ ايريا ۾ ڪو به ماڻھو يا مشينري موجود ناھي.

عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ڊي سي ٿرپارڪر، وائلڊ لائف کاتي جو ڊپٽي ڪمزرويٽر ۽ ايس ايڇ او ننگرپارڪر پنھنجو قاسم نامو جمع ڪرائن ۽ ان ۾ واضح لکي ڏنو وڃي ته سائيٽ تي ڪو به ماڻھو موجود ناھي سڄي ڪليئر آھي.

عدالت چيو ته جيڪڏھن ماڻھو نظر آيا ته اوھان ۽ انھن تي ڪيس داخل ڪندا ۽ جيڪڏھن ان جي ڪمپلائنس نه ٿي ته اوھان جي خلاف به ڪيس داخل ٿيندو اھو حڪم اوھان لاءِ به آھي ۽ جيڪو به آفيسر ايندو ان تي به لاڳو هوندو، جيڪڏھن ڀڃڪڙي ٿي تي اوھان خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويندو.

عدالت چيو ته ننگرپارڪر تاريخي ۽ خوبصورت ماڳ آھي جنهن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڏٺو ناھي پر خواھش آھي ته ان کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي.

عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون