تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪنهن به قسم جي مشينري ننگرپارڪر کان 32 ڪلو ميٽر ٻاهر رکڻ جو حڪم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪنهن به قسم جي مشينري ننگرپارڪر کان 32 ڪلو ميٽر ٻاهر رکڻ جو حڪم ڏيندي ڊي سي ٿرپارڪر، جهنگلي جيوت کاتي ۽ ايس ايڇ او کي قسم نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ننگر پارڪر جي ثقافتي ماڳ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليزن بابت ٻڌڻي ٿي.

جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سميت لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

سپريم ڪورٽ جو وڪيل سجاد احمد چانڊيو، عشرت لوهار ۽ شنڪر ميگهواڙ عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا.

ڊي سي ٿرپارڪر عدالت کي آگاھي ڏيندي چيو ته ڪارونجھر جي سائيٽ ڪليئر ڪرائي ڇڏي آھي، ننگرپارڪر جي 32 ڪلوميٽر اسڪوائر فٽ ايريا ۾ ڪو به ماڻھو يا مشينري موجود ناھي.

عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ڊي سي ٿرپارڪر، وائلڊ لائف کاتي جو ڊپٽي ڪمزرويٽر ۽ ايس ايڇ او ننگرپارڪر پنھنجو قاسم نامو جمع ڪرائن ۽ ان ۾ واضح لکي ڏنو وڃي ته سائيٽ تي ڪو به ماڻھو موجود ناھي سڄي ڪليئر آھي.

عدالت چيو ته جيڪڏھن ماڻھو نظر آيا ته اوھان ۽ انھن تي ڪيس داخل ڪندا ۽ جيڪڏھن ان جي ڪمپلائنس نه ٿي ته اوھان جي خلاف به ڪيس داخل ٿيندو اھو حڪم اوھان لاءِ به آھي ۽ جيڪو به آفيسر ايندو ان تي به لاڳو هوندو، جيڪڏھن ڀڃڪڙي ٿي تي اوھان خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويندو.

عدالت چيو ته ننگرپارڪر تاريخي ۽ خوبصورت ماڳ آھي جنهن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڏٺو ناھي پر خواھش آھي ته ان کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي.

عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23 ° C
23 °
23 °
36 %
2.7kmh
81 %
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون