تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت سنڌ سرڪار جا سمورا فيصلا رد

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت سنڌ سرڪار جا سمورا فيصلا رد ڪري پٿر کڻندڙن خلاف دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪارونجهر جبل ۽ ڀرپاسي جون سموريون ٽڪريون هيريٽيج سائيٽ قرار ڏئي  نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ ڪارونجهر جي حصي کارسر کي معدنيات جو جواز ڄاڻائي ڪٽڻ کان روڪڻ بابت داخل آئيني درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ثقافت کاتي جي سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ سميت ٻيا پيش ٿيا.

عدالت ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت سنڌ سرڪار جا سمورا فيصلا رد ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار کي آخري موقعو ڏين ٿا ته ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏئي، نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي.

عدالت چيو ته ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ بابت عدالتي فيصلي کي هڪ سال ٿي چڪو آهي پر ان بابت ڪوبه قدم ناهي کنيو ويو.

عدالت چيو ته ڪارونجهر جو هڪ به پٿر ڪٽيو ويو ته دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ثقافت کاتي واري سيڪريٽري عدالت کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏيڻ بابت ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جلد نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

درخواست داخل ڪرائيندڙ وڪيل شنڪر ميگهواڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سنڌ سرڪار جا سمورا فيصلا رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ عدالت اهو به چيو آهي ته سنڌ ۾ رڳو ڪارونجهر ئي بچيو آهي جنهن کي کپائڻ پويان اوهان لڳا آهيوم جيستائين عدالتون آهن اوهان ڪارونجهر کي کپائي نٿا سگهو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
47 %
4.6kmh
0 %
سُومر
21 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون