- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نريندر موديءَ جي ديس ۾ اقليتون محفوظ نه آهن، ورهاڱي کانپوءِ پاڙيسري ملڪ جي جنگ ۾ ڌڪيو ويو، بدقسمتي سان پرائي جنگ ۾ پوڻ جو اندازو نه لڳايو ويو آهي، ملڪي ترقيءَ ۾ اقليتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ اقليتن جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اوڀر پاڪستان سانحي کانپوءِ قوم کي ورهايو ويو ۽ ڪمزور ڪري هڪ پاڙيسري ملڪ جي جنگ ۾ ڦٽو ڪيو ويو، اها ڪنهن ٻئي نه پر سندن پنهنجي غلطي آهي.
هن چيو ته هو پاڙيسري ملڪ جي جنگ ۾ پوڻ جي نتيجن جو اندازو نه لڳائي سگهيا تنهن باوجود نتيجن جو سوچو ئي نه آهي.
سندس چوڻ هو ته مدرسن ۾ پنهنجي سوچ جي حساب سان مذهب کي پڙهايو پيو وڃي، قائد اعظم ڪنهن سياسي پوائنٽ سبب پاڪستان قائم ڪيو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ غزا ۾ ڪرندڙ ميزائل نه ٿو ڏسي ته سامهون وارو مسيحي يا وري مسلمان، توهان کي لڳي ٿو ته غزا ۾ مسيحي نه آهن ته توهان غلط آهيو، سياست ۾ مسيحي به قربان ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته مودي جي ڀارت اقليتون محفوظ نه آهن، اها ڳالهه قائد اعظم محمد علي جناح تنهن وقت محسوس ڪئي ته هڪ ڏينهن اهو ٿيندو تنهن ڪري پاڪستان قائم ڪيو، هنن جيڪو ڪيو صحيح هو پر عالمي طاقت عالمي طاقت ئي هوندي آهي.- Advertisement -
