تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ صوبائي حڪومت کي عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سنڌ هائيڪورٽ صوبائي حڪومت کي عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس نه هئڻ بابت وڪيل طارق منصور جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ وڪيل طارق منصور موقف اختيار ڪيو ته عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس نه هجڻ ڪري عورتن، ٻارن ۽ معزور ماڻهن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، عدالت حڪومت کي بس اسٽاپن، شاپنگ سينٽرن، پارڪن، قبرستانن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪري.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته گڏيل قومن جي ڪنوينشن موجب سنڌ حڪومت سرڪاري سطح تي پبلڪ ٽوائلٽس ٺاهڻ جي پابند آهي، قانون موجب حڪومت کي ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي ٽوائلٽس ٺاهڻ گهرجن.

عدالت چيو ته سنڌ حڪومت 32 ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪري، پبلڪ ٽوائلٽس تعمير نه ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
111,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
23 %
2.3kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
34 °
اربع
34 °
خميس
37 °
جمعو
37 °

تازه ترين خبرون