- Advertisement -
مقصودو رند ۾ جرنلسٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ، پيس اينڊ جسٽس پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
جي ڊبليو سي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مقصودو رند جي سلطان پمپ کان حسيني چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاجي ريلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، سوشل جسٽس فورم، جميعت علما اسلام، شيعا علماءَ ڪائونسل، واپاري تنظيم ۽ شهرين وڏي انگ ريلي ۾ شرڪت ڪئي.
ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن چيو ته اڍائي سال وڌيڪ عرصو اڳ ڏهين محرم تي سنگرار مان سبيل ورهائڻ دوران معصوم نينگري پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو هو.
هنن چيو ته پوليس هن وقت تائين نينگري پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، جنهن سبب سندس امڙ روز جيئي ٿي روز مري ٿي پر بي رحم حڪمران کي ڪو احساس ئي ناهي.
اڳواڻن چيو ته جي ڊبليو سي پريا ڪماري واري معاملي تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سڏ ڏنو آهي، جيستائين پريا ڪماري بازياب ٿي پنهنجي گهر نه پهچندي تيستائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.- Advertisement -
