سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد جي بورڊن ۾ عارضي چارجون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي سيڪريٽري بورڊز ۽ يونيورسٽيز کان 3 نومبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ من پسند ماڻهن جي مقرري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت پاران من پسند ماڻهن کي بورڊز ۾ مقرر ڪيو ويوآهي.
درخواستگذار حفيظ الله چيو ته حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر جي تعليمي بورڊز جي چيئرمينن کي اضافي چارجون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز پاران اضافي ۽ وقتي ڏنل چارجن جا نوٽيفڪيشن غير قانوني آهي، انهن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
عدالت حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد، نظير آباد ۽ ٻين بورڊن کي عارضي چارجون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت هدايت ڪئي ته بورڊز ۽ يونيورسٽين جي سيڪريٽرين جي مقرري 2021ع ۾ ڏنل اشتهار موجب ڪئي وڃي.
عدالت سيڪريٽري بورڊز ۽ يونيورسٽيز کان 3 نومبر تائين عملدرآمد بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت چيو ته سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي کانسواءِ سمورن بورڊز جي چيئرمينن کي ايڊيشنل چارجون ڏنيون ويون آهن.
عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪجهه بورڊز جي چيئرمينن کي ٽن سالن جو مدو پورو ٿيڻ باوجود عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
عدالت چيو ته مارچ 2023ع ۾ سيڪريٽري بورڊز ۽ يونيورسٽين جا قاعدا ٺاهڻ ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪمن تي به عمل نه ڪيو ويو آهي.