سنڌ هائيڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اشرف مينگل ۽ ٻين شهرين جي بازيابي بابت داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پوليس گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ماڻهن عدالت اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.
عدالت چيو ته گم ٿيلن جا وارث پريشان آهن، پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس آهيون.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پوليس کي تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.