تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نگران وزيراعظم لاءِ نالو اڄ شام يا سڀاڻي تائين فائنل ٿي ويندو : راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ نالو اڄ شام يا سڀاڻي تائين فائنل ٿي ويندو، حفيظ شيخ ۽ ٻين جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، پر اڃا قطعي فيصلو ناهي ٿيو.

جاري ڪيل پنهنجي بيان راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي پر، 9 مهينن جيترو ڊگهو وقت نه لڳندو.

گهرو وزير  چيو ته  ايم ڪيو ايم نگران وزيراعظم لاءِ ڪامران ٽسوري جو  نالو ڏنو آهي، پيپلزپارٽي به هڪ ٻه نالا ڏيندي، مولانا فضل الرحمان سمورا اختيار وزيراعظم کي ڏنا آهن.

هن چيو ته حفيظ شيخ يا ٻين نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، اڃا تائين ڪو به نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته  آدمشماري جي منظوري کانپوءِ تڪبنديون ضروري آهن، ڊسمبر تائين تڪبندين جو عمل مڪمل ٿيڻ گھرجي جيڪڏهن تڪبنديون ٿيون ته فيبروري جي آخري يا مارچ جي پهرين هفتي ۾ چونڊون ٿينديون.

هن چيو ته  آرمي چيف جو دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ وارو پيغام صحيح آهي، دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي پاليسي اڄ جي  نه پر ماضي جي آهي، گذريل سال دهشتگردن سان ڪيل ڳالهين جو ڪو به نتيجو نه نڪتو.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس  پاليسي آهي، پاڪ فوج جا جوان شهادتون قبول ڪري رهيا آهن، دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون