سنڌ هائيڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جي درخواستن تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس کي ٻين گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڏهن کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ بابت درخواستن تي اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت چيو ته خاندانن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ .
ايس پي گلشن اقبال چيو ته کيس ڪجهه ڏينهن اڳ جاچ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن، جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.
عدالت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جو جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۽ اڳڀرائي واري رپورٽ 6 نومبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
نعيم شهزاد، رضا احمد، محمد نعيم، طارق ۽ عارف حسين 2016 کانپوءِ مختلف وقتن ۾ گم ٿيا.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته راشد انور، ارسلان الدين، پٺاڻ خان زهراڻي، شهزاد ۽ سجاد حسين به الڳ الڳ تاريخن تي گم ٿيا.
درخواست ڏيندڙ چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.