تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ميرٽ لسٽ ختم

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏيندي ڊي آءِ جي شيراز عباسي ۽ ٽن ضلعن جي ايس ايس پيز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي نئين سر انٽرويو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر پوليس جي ڪانسٽيبل جي ڀرتين خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ تي ٻڌل آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ طرفان ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ شيراز عباسي، ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي ته پوليس جي ڀرتين واري ميرٽ لسٽ تي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي، غلطيون تسليم ڪيون ويون. عدالت گڏيل درخواستون اڪلائيندي پوليس جي ميرٽ لسٽ ختم ڪندي نئين سر انٽريو ڪري ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت سيبا جي ٽيسٽ برقرار رکندي ت سيبا ٽيسٽ پاس سمورن اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پاران هڪ مهيني اندر انٽريو ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ڊي آءِ جي شيراز عباسي ۽ ٽن ضلعن جي ايس ايس پيز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي نئين سر انٽرويو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون