عدالت سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ نامزدگي فيس 2 لک مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سنڌ بار جي چونڊن ۾ نامزدگي في ۾ واڌ خلاف درخواست تي بار ڪائونسل کي ايندڙ ٻڌڻي تائين في وصول ڪرڻ کان روڪيندي ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ بار ڪائونسل جي اميدوار وسيم شيخ بار ڪائونسل جي نامزدگي في وڌائڻ واري فيصلي کي سنڌ هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. درخواست ڏيندڙ وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ بار ڪائونسل نامزدگي في 50 هزار رپين مان 2 لک رپيا ڪئي آهي، بار جي ميمبر وڪيلن جي ڀلائي لاءِ چونڊيا ويندا آهن. هن چيو ته وڪيلن جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ نامزدگي في مناسب نه آهي. عدالت سنڌ بار ڪائونسل جي نامزدگي في 2 لک رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. عدالت بار ڪائونسل کي ايندڙ ٻڌڻي تائين في وصول ڪرڻ کان روڪيندي ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
30%
1.1m/s
3%
سُومر
16 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون