تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ڊي آءِ جي جاچ کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ڊي آءِ جي جاچ کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي بچاءَ واري سيڪريٽري کان سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جا تفصيل ۽ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جي ڪيترن ئي اجلاسن باوجود گم ٿيل ماڻهن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بچاءَ واري سيڪريٽري اڳڀرائي واري رپورٽ پيش نه ڪئي ته ذاتي قسم نامو جمع ڪرائي. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ سرڪاري وڪيل چيو ته گم ڪيل شهرين اسماعيل، ادريس ۽ ٻين جي گهروارن کي مالي مدد ڏيڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جو پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي کانپوءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟. جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ايڌي، ڇيپا ۽ ٻين فلاحي ادارن کي خط لکيا ويا آهن. جاچ آفيسر چيو ته سي پي ايل سي ۽ ڪجهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران خط جو جواب ناهي مليو. عدالت 2018ع کان گم ٿيل عمر صديقي جي بازيابيءَ لاءِ جوڳا قدم نه کڻڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ڊي آءِ جي جاچ کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. عدالت وفاقي، صوبائي گهرو کاتن، آءِ جي پوليس سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان چئن هفتن ۾ اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي  ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
15 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
35 %
1.8kmh
39 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون