- Advertisement -
اسپيشل ڪسٽم ڪورٽ ڪراچي برطانيا مان چوري ٿيل ڪار جي پاڪستان ۾ رجسٽريشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن اسماعيل چانڊيو ۽ نويد بلواڻي کي بري ڪري ڇڏيو.
بيٽلي ڪار جي غير قانوني رجسٽريشن ڪيس ۾ ڪسٽم پراسيڪيوٽر ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.
ٻنهي جوابدارن طرفان بريت جي درخواست تي عدالت کين بري ڪري ڇڏيو.
بينٽلي ڪار مبينا طور تي 2020 ۾ برطانيا مان چوري ڪئي وئي ۽ غير قانوني طور تي پاڪستان منتقل ڪئي وئي.
ايڪسائيز کاتي طرفان آگسٽ 2020 ۾ ڪار جي رجسٽريشن ڪئي وئي.
عدالت ۾ وڪيل سڪندر خاصخلي چيو ته هي بينٽلي ڪار بلغاريا جي سفارتڪار اليگزينڊر بورنرو جي لاءِ گهرائي وئي هئي.
وڪيل چيو ته اليگزينڊر بورنزو بلغاريا سفارتڪار پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ بلغاريا واپس هليو ويو.
وڪيل سڪندر ايوب خاصخيلي عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته هي ڪار وفاقي حڪومت جي اجازت سان رجسٽرڊ ڪئي وئي آهي، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڪوبه غير قانوني ڪم ناهي ڪيو.
وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ڊي ايس پي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن اسماعيل چانڊيو ۽ نويد بلواڻي کي بري ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
