تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي دفاع واري وزارت کي طلب ڪندي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي دفاع واري وزارت کي طلب ڪندي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي.

ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري جي والد چيو ته سندس پٽ امتياز کي پوليس گهران کڻي وئي هئي سمورا گهرڀاتي شاهد آهن، امتياز کي اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو، پوليس چئي ٿي هنن گرفتار ناهي ڪيو.

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته امتياز ڪٿي آهي؟، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته امتياز روپوش جوابدار آهي مٿن قتل جو ڪيس آهي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته گم ٿيل شهري جي ڳولا ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي، جيڪڏهن شهري کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته اوهان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

گم ٿيل شهري محمد نعيم، طارق، راشد ۽ سيد عارف جا گهرڀاتي به عدالت ۾ پيش ٿيا، شهرين جا وارث ٻڌڻي دوران لڙڪ لاڙي ويٺا.

عدالت جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف اجلاس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

عدالت پوليس کي سڄي ملڪ جي ايجنسين کان رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي.

عدالت دفاع واري وزارت کي طلب ڪندي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون