تازه ترين

پيپلزپارٽي جي مرڪزي ڪميٽيءَ چونڊ نتيجن ۽ نئين حڪومتي سيٽ اپ بابت سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ ۽ رابطن لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي مرڪزي ڪميٽيءَ چونڊ نتيجن ۽ نئين حڪومتي سيٽ اپ بابت سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ ۽ رابطن لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شيري رحمان جو چوڻ آهي ته اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو، جنهن ۾ قطعي فيصلو ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي سي اي سي جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ميمبرن جي اڪثريت ن ليگ بدران پي ٽي آءِ سان گڏ ويهڻ جي تجويز ڏني. ميمبرن پ پ قيادت کي تجويز ڏني ته آزاد اميدوارن جي مينڊيٽ جو احترام ڪندي کين اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي، ظاهري طور مضبوط اتحادي حڪومت ٺهندي نظر نه پئي اچي. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو، سياسي پارٽين سان رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شازيا مري چيو ته  اجلاس ۾ چئني صوبن جي ميمبرن پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا آهن. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته اليڪشن بابت چئني صوبن ۾ خدشا آهن، اڄوڪي سي اي سي جي اجلاس ۾ قطعي فيصلا ڪيا ويندا. هن چيو ته اجلاس بعد ميڊيا کي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي ۽ سياسي پارٽين سان رابطن لاءِ ڪميٽي ميمبرن جا نالا پڻ ٻڌايا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون