سنڌ هائيڪورٽ ۾گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪيسن ۾ مغوين جي وارثن سان سهڪار نه ڪرڻ تي پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت ايس پي گڏاپ ۽ ايس ايس ايڇ کي طلب ڪندي ايس پي انويسٽيگيشن ملير کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
گم ٿيل والد چيو ته گڏاپ پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي پٽ جي گمشدگي جو ڪيس سي ڪلاس ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، ساڻن ناانصافي ڪئي پئي وڃي.
عدالت پوليس کي ٿاڻي جي حد بابت به رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سنڌ هائيڪورٽ جاچ آفيسرن کي صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽي جي سفارشن تي عمل ۽ سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن کان رپورٽ طلب ڪئي.
عدالت 2015ع ۾ گم ٿيل طاهر علي، زبير، عابد ۽ ٻين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.