سنڌ ھاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سليڪشن بورڊ ۾ ڪيترن ئي شعبن جي استادن کي ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي وائيس چانسلر، رجسٽرار توڙي سليڪشن ڪميٽي پاران جواب داخل نھ ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ترقيءَ ۾ نظرانداز ڪرڻ تي ٻن ليڊي ٽيچرس ڊاڪٽر نويدھ ڪٽپر ۽ شڪيلا شاھھ طرفان داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ من پسند استادن کي ترقيون ڏئي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي.
درخواست موجب سنڌ يونيورسٽي ۾ ايسوسيئيٽ ۽ پروفيسر لاءِ اپلاءِ ڪندڙن کي انتظاميا ميرٽ بدران استادن جي تنظيم سوٽا جي دٻاءُ ۽پنھنجا نوازي سبب من پسند ماڻھن کي ترقيون ڏئي رھي آھي.
عدالت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ سليڪشن ڪاميٽي کي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.