تازه ترين

سنڌ پوليس طرفان واپاري برادري جي سهڪار سان صوبي ۾ معاشي سرگرمين کي مڪمل تحفظ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو

- Advertisement -
سنڌ پوليس طرفان واپاري برادري جي سهڪار سان صوبي ۾ معاشي سرگرمين کي مڪمل تحفظ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته واپارين جي سهڪار سان هلندڙ معيشيت ۾ رنڊڪ وجهندڙ عنصرن کي پاڙئون ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته معيشيت جي استحڪام ۾ رنڊڪ بڻجندڙ عنصرن خلاف ماضي ۾ به ڪارروايون ڪيون ويون اڳتي به بنا فرق جي سخت ڪارروايون ڪيون وينديون. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس جي اپيل تي واپاري برادري طرفان ڪاروباي هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ ۽ سهڪار ڪرڻ تعريف قابل آهي. سندس چوڻ هو ته معيشيت جي تسلسل کي هٿي ڏيڻ ۾ سنڌ حڪومت، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ واپاري برادري ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان فراهم ڪيل وسيلن کي استعمال ڪندي پوليس روزاني جي بنياد تي ڏوهارين خلاف فائديمند ڪارروايون جاري رکيون آهن. سندس چوڻ هو ته واپاري برادري جي سهڪار سان صوبي ۾ امن امان ۽ ڪاروباري ماحول جي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون