- Advertisement -
تحريڪ انصاف جي اختلافن سبب علي امين گنڊاپور خيبرپختونخوا جي وڏ وزارت وڃائي ويٺو، سهيل آفريديءَ کي ڪي پي جو نئون وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي، علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته وڏ وزارت پي ٽي آءِ باني جي امانت هئي، سندس حڪم تي هو امانت واپس ڪري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، سهيل آفريدي کي سندس مڪمل سپورٽ ۽ حمايت حاصل رهندي.
تحريڪ انصاف ۾ اختلاف چوٽ چڙهڻ بعد پي ٽي آءِ بانيءَ ڪي پي جي وڏي وزير علي امن گنڊاپور کان استعيفيٰ طلب ڪئي.
پي ٽي آءِ بانيءَ اڊيا جيل ۾ ٻڌڻيءَ دوران پارتي اڳواڻن کي علي امين گنڊاپور کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو.
تحريڪ انصاف جي بانيءَ، خيبرپختونخوا جي وڏ وزارت لاءِ سهيل آفريديءَ کي نامزد پڻ ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ بانيءَ جي اهڙي هدايت بعد پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرام راجا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي بدترين صورتحال آهي، دهشتگردي جي مسئلي کي وڏي تناظر ۾ ڏسڻو پوندو.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ وارو فيصلو پي ٽي آ ءِ بانيءَ پاڻ ڪيو آهي، سهيل آفريدي خيبرپختونخوا جو نئون وڏو وزير هوندو.
سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ بانيءِ کي اميد آهي ته سهيل آفريدي وفاقي حڪومت کي سمجهائيندو، کين نئين شروعات ڪرڻي آهي.
پي ٽي آ ءِ جي سيڪريٽري جنرل چيو ته علي امين گنڊاپور پارٽيءَ سان وفادار آهي ۽ هو ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجندو.
سلمان اڪرم راجا چيو ته عليمه خان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا، وقت سان گڏ فيصلا ۽ حڪومتون تبديل ٿينديون آهن.
پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل جي تصديق بعد جاري ڪيل بيان ۾ علي امين گنڊاپور وڏ وزارت تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هو ته وڏ وزارت جو عهدو پي ٽي آءِ بانيءَ جي امانت هئي، سندس حڪم تي هو استعيفيٰ ڏئي امانت واپس ڪري رهيو آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته نئين وڏي وزير سهيل آفريديءَ کي سندس مڪمل حمايت ۽ سپورٽ حاصل هوندي……….- Advertisement -
