سنڌ ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، رهجي ويل برساتي ٻوڏ متاثر گهرن ٻيهر سروي ڪرڻ، 20 هزار برساتي ٻوڏ متاثر گهرن جي اڏاوت ڪندڙ مسترين کي تربيت ڏيڻ، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي ڀرتي ڪرڻ ۽ سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائزري بورڊ ٺاهڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي مشروط اجازت ڏني آهي، حيدرآباد جي شهرين لاءِ تفريحي هنڌ قائم ڪيو ويندو، گهوٽڪي ضلعي ۾ آءِ بي اي جو ڪيمپس قائم ڪيو ويندو، ڪي پي ۾ دهشتگرد پيدا ڪندڙ مدرسن جي سرڪاري سطح تي فنڊنگ ٿيندي رهي آهي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد صوبائي وزير سردار شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي مشروط اجازت ڏني آهي، سنڌ هائيڪورٽ مان اسٽي آرڊر ختم ٿيڻ بعد نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو.
هن چيوته انڊس هاءِ واي تي ٻه پليون ٺاهڻ جي به ڪابينا اجلاس ڏني آهي، جڏهن ته معياري تعليم لاءِ گهوٽڪي ۾ سکر آءِ بي ايَ جو ڪيمپس ٺاهيو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته حيدرآباد جي شهرين لاءِ تفريحي هنڌ قائم ڪيو ويندو، رهجي ويل برساتي ٻوڏ متاثر گهرن ٻيهر سروي ڪرڻ، 20 هزار برساتي ٻوڏ متاثر گهرن جي اڏاوت ڪندڙ مسترين کي تربيت ڏيڻ، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي ڀرتي ڪرڻ ۽ سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائزري بورڊ ٺاهڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڪي پي ۾ دهشتگرد پيدا ڪندڙ مدرسن جي سرڪاري سطح تي فنڊنگ ٿيندي رهي آهي، اي پي ايس تي حملو به پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيو، ان کان وڏي شرم جي ڳالهه ناهي ته پي ٽي آءِ دور ۾ بنون مان دهشتگرد پنهنجن ساٿين کي ڇڏائي فرار ٿي ويا، تاريخ شاهد آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ تي ڪڏهن به ڪو دهشتگرد حملو ناهي ٿيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن بابت ترميمي قانون منظور ڪيو ويندو، ماڻهن پنهنجون گاڏيون رجسٽر ڪرائن، ڪا به اڻ رجسٽرڊ گاڏي هلائڻ جي اجازت نه هوندي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي هيلٿ انشورنس گورنمينٽ اسٽيٽ لائف ڪمپنيءَ مان ٿيندي