- Advertisement -
ڪراچي پوليس عمران يعقوب منهاس چيو آهي ته محرم الحرام جي سلسلي ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، سڪيورٽي لاءِ آر آر ايف، ايس ايس يو ڪمانڊوز سان گڏ رينجرز جا اهلڪار به مقرر آهن.
سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ڪراچي پوليس چيف عمران يعقوب منهاس چيو ت منشيات جي روڪٿام لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي، ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي، بيروزگاري سبب وارداتون ٿين ٿيون.
هن چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، ايس ايڇ اوز ميرٽ تي مقرر ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايس ايڇ اوز مقرر ڪرڻ جا اختيار ايس ايس پيز وٽ آهن، مداخلت نه ڪئي پئي وڃي.
ڪراچي پوليس عمران يعقوب منهاس چيو ته ماضي ۾ زمينن تي قبضا ٿيندا هئا، هاڻي قبضن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي
هن چيو ته ملير ۾ مبينا مقابلي دوران گوليون لڳڻ سبب عورت قتل ٿي، واقعي جي عدالتي جاچ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته عورت جي قتل ۾ جيڪو به ملوث هوندو ڪارروائي ڪئي ويندي……………….- Advertisement -
