- Advertisement -
سنڌ ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڌيڪ 8 نوان وزير اڄ پنهنجن عهدن جو قسم کڻندا، قسم کڻندڙ نون وزيرن ۾ مڪيش ڪمار، نثار کهڙو، امتياز شيخ، سعديا جاويد ۽ ٻيا شامل آهن.
سنڌ ڪابينا جي 8 نون وزيرن کي قسم کڻائڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ شام پنجين وڳي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري 8 نون وزيرن کي عهدن جو قسم کڻائيندو.
قسم کڻندڙ نون وزيرن ۾ مڪيش ڪمار، نثار کهڙو، امتياز شيخ، سعديا جاويد ۽ ٻيا شامل آهن.- Advertisement -
