شرجيل ميمڻ جي هدايتين تي صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي صوبي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، سندس چوڻ آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙ سماج جا دشمن آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. لياري ۾ ايڪسائز پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري اڍائي سئو گرام هيروئن هٿ ڪري ورتي. ڊگري ۾ ايڪسائز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول  جي ٽيم ڪارروائي ڪري جوابدار محمد معيم کي گرفتار ڪري 2 ڪلو 200 گرام چرس هٿ ڪري ورتو. ڄامشورو جي علائقي سيد آباد، ماهي اوٺو ۽ آمري ۾ به  ڪاررواين دوران  ٽن منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. سجاول پوليس ڪارروائي دوران ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري  سندن قبضي مان 15 سئو 45 گرام چرس هٿ ڪري ورتي. ٻي ڪارروائي دوران پوليس ذوالفقار لغاري کي گرفتار ڪيو ويو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙ سماج جا دشمن آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
33%
0.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون