تازه ترين

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد  ايڇ ڊي اي ۽ واسا ملازمن کي پينشنز ۽ پگھارون نه ملڻ خلاف ڪيس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد  ايڇ ڊي اي ۽ واسا ملازمن کي پينشنز ۽ پگھارون نه ملڻ خلاف ڪيس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.

جسٽس ظفر راجپوت ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل ڊويزنل بينچ ٻڌڻي ڪئي.

ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جو سيڪريٽري سيد خالد حيدر شاھ، ايم ڊي واسا، ڊي جي ايڇ ڊي اي ۽ لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.

عدالت سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ملازمن جي پينشن ۽ پگھارن جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو، واسا ۽ ايڇ ڊي اي ڪھڙي کاتي ۾ آھن، لوڪل گورنمينٽ ۾ آھن يا نه.؟

ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاھي ڏني ته اھي ملازم لوڪل گورنمينٽ ۾ ئي آھن.

عدالت مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته اوھان پھريان ڪٿي ھئا، ملازم ٽن چئن سالن کان پينشن ۽ پگھارن لاءِ رلي رھيا آھن، اوھان کي عدالت طلب ڪيو، غير حاضر ڇو رھيا.؟.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ملازمن جي پگھارن ۽ پيشن جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو.

عدالت چيو ته کين پھريان رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو مسئلو حل ڪرڻو آھي.

واسا جي وڪيل چيو ته وٽن ڪوارٽر ون آھي، اجازت ملي ته ملازمن کي ھڪ پگھار ڏئي سگھن ٿا.

عدالت چيو ته اھو پھريان ئي واضح ڪري چڪا آھن ته بلڊرن طرفان ملندڙ ٽئڪس ۽ ڊولپمينٽ جا پئسا پگھارن تي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، اسڪيم جا ملندڙ پئسا پينشن يا پگھارن ۾ ڪيئن ٿا استعمال ڪن.

عدالت چيو ته ايڇ ڊي اي جون ڪيتريون ئي اسڪيمون اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگھن آھن، جيڪو ڪم توھان کي ڪرڻو آھي اھو بلڊر پاڻ ٿا ڪرائين.

ٻڌڻي دوران مڪاني کاتي جو سيڪريٽري عدالت کي مطمئن نه ڪري سگھيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
26 %
0.6kmh
0 %
آچر
17 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون