تازه ترين

سنڌ ۽ پنجاب دنگ تي آپريشن کانپوءِ ڌاڙيلن جو رونتي جي ڪچي طرف رخ

- Advertisement -
سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي آپريشن کانپوءِ ڌاڙيلن رونتي جي ڪچي طرف رخ ڪيو آهي، مختلف ضلعن جي پوليس رونتي ۾ آپريشن دوران 2 ڌاڙيل مارجي ويا آهن. سنڌ حڪومت طرفان ڪشمور ۽ رونتي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن جي هدايتن بعد پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن ڪندي ٻن ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي ڏوهارين کي هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ڪرڻ جي آڇ بعد سختيءَ سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي پوليس راجن پور سرحدي علائقي ڪچو ڪراچي ۽ ڪچو ارجواڻي ۾ انڍڙ ٽولي خلاف آپريشن بعد انڍڙ ٽولي جو سربراهه ۽ ٻين ڏوهارين رونتي جي ڪچي ۾ شر ٽولي وٽ پناهه ورتي آهي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن جي پوليس جو رينجرز سميت شر ۽ انڍڙ ٽولن خلاف ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن جاري آهي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران ڊرون حملي ۾ شر ٽولي جا 2 ڏوهاري اسحاق شر ۽ ابڙو شر مارجي ويا آهن. پوليس عملدارن موجب مارجي ويل ٻنهي ڏوهارين جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن، پوليس آپريشن ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.7 ° C
33.7 °
33.7 °
4 %
8kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون