- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف طرفان هڪ دفعو ٻيهر تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪئي وئي آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف سنجيده آهي ته حڪومت به ڳالهين لاءِ باضابطا تيار آهي، غير قانوني مطالبن ۽ بليڪ ميلنگ سان ڪي به ڳالهيون ممڪن نه آهن.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ ڪالهه تحريڪ انصاف ۽ سندن ساٿي ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هو سنجيده آهن ته حڪومت به ڳالهين لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته هو اسيمبلي ۾ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف سنجيده ڳالهين لاءِ تيار آهي ته حڪومت به ڳالهيون ڪندي.
سندس چوڻ هو ته غير قانوني مطالبن ۽ بليڪ ميلنگ سان ڳالهيون نه ٿينديون، جيڪي جائز معاملا آهن رڳو تنهن جي روشني ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۾ ڀائيچارو ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ پي آءِ اي جي نجڪاري جو ڏينهن آهي ۽ قومي ايئرلائن جي نجڪاري لاءِ لاڳاپيل عملدارن ۽ ڪابينا ميمبرن وڏي محنت سان ڪم ڪيو آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ٻوليون سيل ٿيل لفافن ۾ وصول ڪيون ويون آهن ۽ ٻولي جو عمل سڌو نشر ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻولي جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ٿيو ته معاملن ۾ بهتري ايندي.
هن چيو ته نائب وزيراعظم، دفاع وارو وزير ۽ ناڻي واري وزير شاندار ڪوششون ڪيون آهن ۽ سڄي عمل کي شفاف بڻائڻ انتهائي ضروري هو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽرانزيڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ سڄو عمل ٻيهر ڪابينا آڏو آڻڻ ضروري آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته فيلڊ مارشل کي ڪنگ عبدالعزيز ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي، جنهن سان سڄي قوم جي عزت ۾ اضافو ٿيو آهي.
وزيراعظم پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ کٽڻ تي مبارڪب ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي…..
- Advertisement -
