تازه ترين

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري رهي آهي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري رهي آهي، ڪيترائي ڏوهاري مارجي ويا آهن، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي آهي، جيڪا سموري معاملي جي جاچ ڪري پئي. سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام  ڪرائيم رپورٽ ۾  عبدالخالق منگيءَ سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڏوهاري پوليس کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ مغوين جون وڊيو وائرل ڪن ٿا پر پوليس ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندي. هن چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي آهي جيڪا سموري معاملي جي جاچ ڪري پئي. سندس چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس  عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪڏهن سندس وارثن کي سڪيورٽي جي ضرورت پئي ته ڏني ويندي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد مان اڳوڻي صلاحڪار بابل ڀيو جي پٽ کي آزاد ڪرڻ جو پوليس مٿان الزام هنيو ويو، جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوليس اهي هٿيار يا ماڻهو منظرعام تي ڇو آڻي ها، پوليس جي بهتر ڪم کي ساراهيو نٿو وڃي. هن چيو ته  جن پوليس اهلڪارن ماڻهن کي پڪڙيو انهن جي هڪ مهينو اڳ ايس ايس پي گهوٽڪي ثمير نور چنا سفارش ڪئي هئي ته گهوٽڪي موڪليو وڃي، بدقسمتي سان اهو آرڊر ان ڏهاڙي ٿيو هو. آءِ جي سنڌ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، منشيات جي ڪڌي ڪم ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بخش نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ اندر اسٽريٽ ڪرائيم جنوري ۽ فيبروري جي ڀيٽ ۾  گهٽ آهي، وڌيڪ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي پوليس جي مقرري ۾ دير ٿي آهي، جلد سٺو آفيسر مقرر ڪيو ويندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
34 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون