تازه ترين

پاڪ فوج ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف سميت ٽن ميجر جنرلن کي ليفٽننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني

- Advertisement -
پاڪ فوج ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف سميت ٽن ميجر جنرلن کي ليفٽننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي ترقين ۽ مقررين جي اهم مرحلي ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ ميجر جنرل عامر محمود بخاري ۽ ميجر جنرل عنايت حسين کي ليفٽيننٽ جنرل تي ترقي ڏني وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير، ترقي ماڻيندڙ ٽنهي ٿري اسٽار جنرلن جي مقرري به ڪري ڇڏي آهي. ليفٽيننٽ جنرل عمر بخاري کي ڪمانڊر اليون ڪور پشاور ، ليفٽيننٽ جنرل عنايت کي چيف آف لاجسٽڪ سروسز جي ايڇ ڪيو  مقرر ڪيو ويو. ليٽيننٽ جنرل احمد شريف في الحال ڊي جي آءِ ايس پي آر طور پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو رهندو. 84 لانگ ڪورس ۾ عمر محمود بخاريءَ اعزاز تلوار ۽ هنزه سان تعلق رکندڙ عنايت حسين صدارتي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو. ٿري اسٽار عهدي تي ترقي ماڻيندڙ اهي ٻئي آفيسر جي ايڇ ڪيو ۾ وائس چيف آف جنرل اسٽاف طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا. آءِ ايس پي آر طرفان اڃا تائين ترقين ۽ مقررين بابت بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
46 %
2.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون