تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ تيز هوائن سان گڏ وسڪاري سبب واهن، شاخن ۽ سم نالن کي گهارا پوڻ جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سنڌ ۾ تيز هوائن سان گڏ وسڪاري سبب واهن، شاخن ۽ سم نالن کي گهارا پوڻ جو سلسلو جاري آهن، گهارن سبب هزارين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو، سوين ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. ان سلسلي ۾ بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ڪارو گونگڙو سم نالي کي ڳوٺ علي محمد کوکر وٽان 15 فوٽ گهارو پئجي ويو. ڪارو گونگڙو سم نالي کي گهارو پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو، پاڻي ڳوٺ علي محمد کوکر ۾ سوين گهرن اندر داخل ٿي ويو. هوڏانهن گولاڙچي ويجهو ڳوٺ مٺو ميمڻ وٽان امير شاهه سم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿي سگهيو، گهاري سبب 25 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ڳوٺ فيض محمد سميجو وٽان شاخ کي لڳل گهارو به وڌي 70 فوٽ ٿي ويو، شير واهه ۽ بهادر واهه جا گهارا ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف ماتلي ويجهو ڦليلي واهه مان نڪرندڙ مراد واهه کي آر ڊي 58 وٽان گهرو لڳڻ سبب ڳوٺ مجنون کوسو، الله بخش کوسو ۽ بشام کوسو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، سوين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو. متاثر ڳوٺاڻن پاران سنڌ حڪومت کان نقصان جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
31 %
5.5kmh
50 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون