تازه ترين

سنڌ ۾ سمورن شعبن خاص طور ٽرانسپوٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڏا موقعا موجود آهن: سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ سمورن شعبن خاص طور ٽرانسپوٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڏا موقعا موجود آهن، قطر حڪومت يا خانگي سيڙپڪار هتي سيڙپڪاري ڪندا ته کين خوشي ٿيندي.

ڪراچيءَ ۾ مقرر قطر جي قونصل جنرل نائف شاهين سينيئر صوبائي وزير شرجيل مڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ قطر لاڳاپن، گڏيل مفادن ۽ ثقافتي ڀائيچاري سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

قطري قونصل جنرل پاڪستان خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي مهمان نوازي تعريف  ڪئي.

شرجيل ميمڻ قطر جي قونصل جنرل کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪندي دعوت ڏيندي چيو ته هو چاهن ٿا ته قطر جو ڪو وفد سيڙپڪاريءَ لاءِ سنڌ جو دورو ڪري.

هن چيو ته سنڌ ۾ سمورن شعبن خاص طور ٽرانسپوٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڏا موقعا موجود آهن، قطر حڪومت يا خانگي سيڙپڪار هتي سيڙپڪاري ڪندا ته کين خوشي ٿيندي.

شرجيل ميمڻ چيو ته هو چاهن ٿا ته قطر جي حڪومت جيان اتان جي واپارين جا به هتان جي واپارين سان لاڳاپا وڌڻ گهرجن.

سينيئر صوبائي وزير،  قطر جي قونصل جنرل کي شيلڊ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، قطري قونصل جنرل به شرجيل ميمن کي شيلڊ پيش  ڪئي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون