تازه ترين

سنڌ ۾ سمورن شعبن خاص طور ٽرانسپوٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڏا موقعا موجود آهن: سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ سمورن شعبن خاص طور ٽرانسپوٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڏا موقعا موجود آهن، قطر حڪومت يا خانگي سيڙپڪار هتي سيڙپڪاري ڪندا ته کين خوشي ٿيندي. ڪراچيءَ ۾ مقرر قطر جي قونصل جنرل نائف شاهين سينيئر صوبائي وزير شرجيل مڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ قطر لاڳاپن، گڏيل مفادن ۽ ثقافتي ڀائيچاري سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. قطري قونصل جنرل پاڪستان خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي مهمان نوازي تعريف  ڪئي. شرجيل ميمڻ قطر جي قونصل جنرل کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪندي دعوت ڏيندي چيو ته هو چاهن ٿا ته قطر جو ڪو وفد سيڙپڪاريءَ لاءِ سنڌ جو دورو ڪري. هن چيو ته سنڌ ۾ سمورن شعبن خاص طور ٽرانسپوٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڏا موقعا موجود آهن، قطر حڪومت يا خانگي سيڙپڪار هتي سيڙپڪاري ڪندا ته کين خوشي ٿيندي. شرجيل ميمڻ چيو ته هو چاهن ٿا ته قطر جي حڪومت جيان اتان جي واپارين جا به هتان جي واپارين سان لاڳاپا وڌڻ گهرجن. سينيئر صوبائي وزير،  قطر جي قونصل جنرل کي شيلڊ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، قطري قونصل جنرل به شرجيل ميمن کي شيلڊ پيش  ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
overcast clouds
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
13 %
5.3kmh
86 %
اڱارو
32 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون