تازه ترين

سنڌ ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ بابت صلاح مشورن لاءِ وڏي وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ ٿيل ملاقات بنا نتيجي ختم

سنڌ ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ بابت صلاح مشورن لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار ۾ ٿيل ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي.

سنڌ ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي صلاح مشورن لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار، ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي خورشيدي سان گڏ وزيراعليٰ هائوس پهتي.

وزيراعليٰ جي ترجمان چيو ته وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار ۾ ملاقات ٿي.

وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، ملاقات سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي، ٻنهي هڪ ٻئي کي سنڌ اسيمبليءَ جو مدو پورو ٿيڻ تي مبارڪ ڏني.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وڌيڪ صلاح مشورن لاءِ وقت گهري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار طرفان پهرين ڏينهن ڪوبه نالو تجويز نه ڪيو ويو.

ذريعن موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ ناصر شاهه به صلاح مشورن ۾ شامل هو جنهن دوران ٻنهي طرفان طئي ڪيو ويو ته قيادت سان صلاح مشوري بعد نالا پيش ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار وچ ۾ سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون