تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ بابت صلاح مشورن لاءِ وڏي وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ ٿيل ملاقات بنا نتيجي ختم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ بابت صلاح مشورن لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار ۾ ٿيل ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي.

سنڌ ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي صلاح مشورن لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار، ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي خورشيدي سان گڏ وزيراعليٰ هائوس پهتي.

وزيراعليٰ جي ترجمان چيو ته وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار ۾ ملاقات ٿي.

وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، ملاقات سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي، ٻنهي هڪ ٻئي کي سنڌ اسيمبليءَ جو مدو پورو ٿيڻ تي مبارڪ ڏني.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وڌيڪ صلاح مشورن لاءِ وقت گهري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار طرفان پهرين ڏينهن ڪوبه نالو تجويز نه ڪيو ويو.

ذريعن موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ ناصر شاهه به صلاح مشورن ۾ شامل هو جنهن دوران ٻنهي طرفان طئي ڪيو ويو ته قيادت سان صلاح مشوري بعد نالا پيش ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار وچ ۾ سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
13 %
2.8kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون