تازه ترين

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ تي جماعت اسلامي ۽ ايس يو پي پاران مختلف شهرن ۾ نجات جو ڏهاڙو ملهايو ويو

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ تي جماعت اسلامي ۽ ايس يو پي پاران مختلف شهرن ۾ نجات جو ڏهاڙو ملهايو ويو.

ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران پ پ حڪومت ختم ٿيڻ تي يومِ نجات ملهايو ويو، ڪارڪنن پاران افضل عطا ڪلوڙ، ذوالفقار ملڪ، وزير چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن پاران دلمراد ڏاهاڻي، ڇوٽو جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ تي گهنٽا گهر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڍورو نارو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن پاران روشن مڱريو، مهر علي سمون، بچل چوپاڻ، ولي نهڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ تي يوم نجات ملهائي  ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پنجن سالن ۾ رڳو ڪرپشن جي ڪجهه به نه ڪيو.

هنن چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ايتري ته خراب  ٿي چڪي آهي جو ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

اڳواڻن چيو ته پ پ جي 15 سالن جي دور ۾ ڪرپشن ڪري  سنڌ جا روڊ رستا تباهه ڪيا ويا  ۽ نوڪريون به وڪرو ڪيون ويون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون