تازه ترين

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ تي جماعت اسلامي ۽ ايس يو پي پاران مختلف شهرن ۾ نجات جو ڏهاڙو ملهايو ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ تي جماعت اسلامي ۽ ايس يو پي پاران مختلف شهرن ۾ نجات جو ڏهاڙو ملهايو ويو.

ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران پ پ حڪومت ختم ٿيڻ تي يومِ نجات ملهايو ويو، ڪارڪنن پاران افضل عطا ڪلوڙ، ذوالفقار ملڪ، وزير چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن پاران دلمراد ڏاهاڻي، ڇوٽو جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ تي گهنٽا گهر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڍورو نارو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن پاران روشن مڱريو، مهر علي سمون، بچل چوپاڻ، ولي نهڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ تي يوم نجات ملهائي  ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پنجن سالن ۾ رڳو ڪرپشن جي ڪجهه به نه ڪيو.

هنن چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ايتري ته خراب  ٿي چڪي آهي جو ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

اڳواڻن چيو ته پ پ جي 15 سالن جي دور ۾ ڪرپشن ڪري  سنڌ جا روڊ رستا تباهه ڪيا ويا  ۽ نوڪريون به وڪرو ڪيون ويون.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
26 %
0.6kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون