تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

سنڌ ۾ ڏهن سالن ۾ ڀرپور ڪم ٿيو، بلاول ڀٽو زرداري جي مدد سان اهي ڪم ڪيا: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڏهن سالن ۾ ڀرپور ڪم ٿيو، بلاول ڀٽو زرداري جي مدد سان اهي ڪم ڪيا جيڪي نه پئي ڪري سگهيا، گذريل سال ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو، ڪڻڪ جي بهتر امدادي قيمت سبب رڪارڊ پيداوار ٿي، پ پ چيئرمين جي ڪوششن سان عالمي برداري متاثرن جي مدد ڪئي، متاثر علائقن ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ رقم رکي وئي، وفاق کان گهوٽڪي ۾ روڊن جي تعمير لاءِ اربين رپيا منظور ڪرايا.

گهوٽڪي ۾ ٻوڏ متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻه حق ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته 2022ع واري ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، گهوٽڪي ٻوڏ متاثر علائقن مان هڪ هو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ دوران متاثرن کي فوري طور رليف ڏنو، پ پ حڪومت ۽ اڳواڻن متاثرن علائقن جو فوري طور دورو ڪيو، هو هر شخص تائين پهتا، ٿورو يا گهڻو رليف ڏنو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب آبادگارن کي گهڻو نقصان ٿيو، ڪڻڪ جي في مڻ قيمت 4 هزار مقرر ڪيو ويو، آبادگار وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ پوکي ۽ هو بحران کان بچي ويا.

هن چيو ته سندن پهرين ڪوشش هئي ته ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو وڃي، ڪوشش ڪئي ته ٻوڏ جي پاڻي کي علائقن مان ڪڍيو وڃي، خطي جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ سبب 21 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ گهرن جي ضرورت آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجي عوام جي خدمت ڪندو

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
10.4 ° C
10.4 °
10.4 °
52 %
1kmh
3 %
ڇنڇر
10 °
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °

تازه ترين خبرون