تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي  آءِ چيئرمين جي سزا تي ڪا خوشي ناهي مٺائي ورهائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پي ٽي  آءِ چيئرمين جي سزا تي ڪا خوشي ناهي، مٺائي ورهائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي وئي، اها فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف بغاوت هئي، پي ٽي آءِ حڪومت ذاتي مفادن خاطر ملڪ کي قربان ڪرڻ پئي چاهي، تيرهن پارٽين جي حڪومت ملڪي تاريخ جو انوکو واقعو آهي، اتحادين طرفان سهڪار ڪرڻ تي هو سندن ٿورائتو آهي.

پارليامينٽ کي الوداعي خطاب ڪندي وزراعظم شهبازشريف چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ سورهن مهينا گهٽ عرصو آهي، ان جي ابتڙ ڪيترائي چئلينج ۽ مسئلا هئا، گذريل حڪومت جي نااهليءَ جو بار مٿن پيو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، سائفر جي ڪوڙي موقف ذريعي آمريڪا سان معاملا خراب ڪيا، پي ٽي آءِ حڪومت ذاتي مفادن خاطر ملڪ کي قربان ڪرڻ پئي چاهي.

وزيراعظم چيو ته سندن حڪومت سياسي مخالفن کي جيل موڪلڻ ته پري جي ڳالهه پر تنگ به نه ڪيو پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا تي ڪا به خوشي ناهي ٿي، دشمن کي به پــِـٽِڻ نه گهرجي.

شهبازشريف چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي وئي، اها فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف بغاوت هئي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت شدت پسندن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن بعد دهشتگرديءَ ڪـَــرُ کنيو.

وزيراعظم چيو ته نگران سيٽ تي صلاح مشوري لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض سان ملاقات ٿيندي.

شهبازشريف چيو ته تيرهن پارٽين جي حڪومت ملڪي تاريخ جو انوکو واقعو آهي، چئني صوبن گڏجي اهو گلدستو ٺاهيو، هو سمورن اتحادين ۽ ڪابينا ميمبرن جو ٿورائتو آهي.

وزيراعظم چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بلوچستان پوئتي رهجي ويو، صوبي جا مطالبا تسليم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بلوچستان کانسواءِ پاڪستان اڳتي نه ٿو وڌي سگهي.

ان کان اڳ وفاقي وزير ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توشاخانه جا سمورا تحفا وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، تحفا وڪرو ڪري رقم ٻارن جي تعليم ۽ يتيمن جي ڀلائي تي خرچ ٿيندي، جڏهن ته ڪابينا وفاقي ڪابينا ملڪ جي پهرين ميوزڪ پاليسي جي به منظوري ڏني.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته توشاخانه تحفن جو هو حقدار ناهي، ملڪ جا غريب اصل حقدار آهن.

هن چيو ته  ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي ڏيوالي جو شڪار ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکيائين باوجود آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، سمورن اتحادين ڀرپور ساٿ ڏنو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
43 %
2kmh
73 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون