تازه ترين

نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڪراچي جي علائقي تين تلوار وٽ لڳل ڌرڻو صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جي ڳالهين کانپوءِ ختم

سنگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڪراچي جي علائقي تين تلوار وٽ لڳل ڌرڻو صوبائي گهرو وزير جي ڳالهين کانپوءِ ختم ٿي ويو.

ضياءُ الحسن لنجار مغوي پريا ڪماري کي ترت بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

رات دير سان سنڌ جي گهرو کاتي جي وزير ضياءَ الحسن لنجار گهرو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان گڏ ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون.

ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته هو جي آءِ ٽي عملدارن سان گڏجي اڄ شام پريا ڪماري جي ماءُ ۽ پيءُ سان ملاقات ڪندو، جاچ جي سمورن رخن تي جي آءِ ٽي مغوي نينگري جي وارثن ۽ ڳالهين واري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي.

هن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو ويندو، صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهن.

ان کان اڳ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ هنيل ڌرڻي دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿي پيون، پوليس لٺبازي ڪري ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري کڻي وئي.

ڪراچي جي علائقي تين تلوار جي ڪلفٽڻ چوڪ وٽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جيڪو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو.

ڌرڻي ۾ پريا ڪماري جي امڙ روينا ڪماري ۽ والد سميت جونيئر ذوالفقار ڀٽو،  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ن ليگ اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني، پنهل ساريو، سهڻي پارس ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن به شرڪت ڪئي ، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ ٿيا.

ڌرڻي دوران ڊي آءِ جي اسد رضا مظاهرين وٽ پهچي روڊ کولڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، ڳالهين جي ناڪامي بعد پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي، لٺبازي ڪري ڪيترن ئي مظاهرين کي کنڀي کڻي وئي.

پوليس ڌرڻي جو ڪوريج ڪندڙ هڪ ٽي وي چينل جي ڪئميرامين عرفان سانگي کي به تشدد جو نشانو بڻائيندي سندس ڪئميرا ڀڃي ڏني.

پوليس چڪرين بعد روڊ جو هڪ پاسو کولرائي ڇڏيو، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري ڌرڻي سبب تين تلوار ايندڙ ويندڙ روڊ بلاڪ ٿي ويا، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

هوڏانهن صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڌرڻي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين تي تشدد جو نوٽيس ورتو .

صوبائي وزير ڊي آءِ جي ڏکڻ کي جاچ جو حڪم ڏيندي تشدد ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون