تازه ترين

راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو واري ڪيس ۾ فريادي ڌر ۽ جوابدار ڌر ۾ ڳجهو ٺاهه

- Advertisement -
راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو واري ڪيس ۾ فريادي ڌر ۽ جوابدار ڌر ۾ ڳجهو ٺاهه ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ڌر ۽ فريادي ڌر ۾ ڇهن ڪروڙن ۾ معاملو طئه ٿي ويو، ٻه ڪروڙ رپيا جوابدار ڌر ادا ڪري ڇڏيا ۽ 4 ڪروڙ بعد ۾ ڏنا ويندا. ذريعن جو چوڻ هو ته ٺاهه ۾ ڪجهه اهم شخصيتن ڪردار ادا ڪيو. ٺاهه بعد فاطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر جي ضمانت تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا آهن. اسد شاهه، حنا شاهه ۽ فياض شاهه جي ضمانت تي اعتراض نه هئڻ جو قسم نامو جمع ڪرايو ويو. مقتول نينگريءَ جي امڙ شبنم۽ والد نديم ڦرڙو خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ قسم نامه جمع ڪرايا آهن. جوابدار ڌر جي ضمانت واري درخواست تي اڳ ۾ پنجن گواهن اعتراض ختم ڪيا. هاڻي وري مقتول نينگريءَ جي والدين اعتراض ختم ڪري ڇڏيا آهن. نديم ڦرڙو جو چوڻ آهي ته اسد شاهه جي ضمانت تي اعتراض نه ڪرڻ جو قسم نامو جمع ڪرايو آهي. هن چيو ته ٻن جوابدارن بابت اعتراض نه هئڻ وارا ڪاغذ چالاڪيءَ سان صحي ڪرايا ويا، فياض ۽ حنا جي ضمانت بابت ڪاغذ چالاڪيءَ سان صحي ڪرايا ويا آهن. سنڌ ٽي وي نيوز تي معاملو اٿارڻ ۽ جي ڊبليو سي جي احتجاج کانپوءِ جوابدار گرفتار ٿيا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون