سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
دادو ۾ شاگردن پاران علامه آءِ آءِ قاضي لائبري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
اڏيرو لال ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ ميگهواڙي برادري پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سعيد جدگال، عبدالرزاق ڇٽو، تيرٿ ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪوٽ غلام محمد ۾ ينگ مالهي اتحاد جي نوجوانن پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جئه ڪمار مالهي، پريپ ڪمار مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مين روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
نئون ڪوٽ ۾ هندو ڪائونسل پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪنري ۾ هندو برادري پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ شيوانند سنڌي، هوتچند، پريم ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس هن وقت تائين پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.
هنن چيو ته پوليس بااثرن اڳيان بيوس بڻيل هئڻ سبب پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي.
اڳواڻن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هائيڪورٽ جي چيف سميت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نينگري پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي……………
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.3
°
C
10.3
°
10.3
°
28%
0.9m/s
0%
اربع
11
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


