تازه ترين

سوئي سدرن پاران گئس چورن خلاف ڪارروايون تيز ،ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ خانگي پاور هائوس تي ڇاپو

- Advertisement -
سوئي سدرن پاران گئس چورن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون ويون آهن، ڪراچي ۾ چوري جي گيس سان بجلي پيدا ڪري گهرن ۽ دڪانن کي وڪرو ڪندڙ خانگي پاور هائوس پڪڙي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان سوئي سدرن جو چوڻ آهي ته گيس چوري جي خاتمي لاءِ قائم کاتي سي جي ٽي ۽ ريڪوري ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ هڪ خانگي پاور هائوس تي ڇاپو هنيو. ترجمان سوئي سدرن موجب، خانگي پاور هائوس جو مالڪ پرويز علي ڪمپني جي مين لائن مان سڌي ريت گيس چوري ڪري رهيو هو. ترجمان سوئي سدرن جو چوڻ آهي ته ڇاپو هڻندڙ ٽيم جوابدار پرويز کي گرفتار ڪري چوري ۾ استعمال ٿيندڙ جنريٽر ۽ ٻيو سامان تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ترجمان سوئي سدرن موجب، چوري ٿيل گئس لوڊ جي حساب تي ڏنڊ لڳايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.5 ° C
4.5 °
4.5 °
32 %
1.5kmh
0 %
ڇنڇر
4 °
آچر
13 °
سُومر
12 °
اڱارو
12 °
اربع
11 °

تازه ترين خبرون