اسلام آباد هائيڪورٽ توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستن تي ايف آءِ کان جواب طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستن تي ايف آءِ کان جواب طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس راجا انعام منهاس توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان صفدر توشاخانا ٽو ڪيس جي ٽرائل تي منع نامي جي اپيل ڪئي. جسٽس راجا انعام منهاس چيو ته ڪرمنل ڪارروائي کي هن موقعي تي اسٽي ڪرڻ جو ڪوئي عدالتي مثال موجود ناهي، هو اوهان جي درخواست تي نوٽيس ڪري ٻي ڌر کي به ٻڌي وٺن ٿا. سلمان صفدر بينچ تبديلي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته جسٽس گل حسن اورنگزيب هن ڪيس بابت پنج درخواستون ٻڌي چڪو آهي، مناسب هوندو ته هي عدالت بريت جون درخواستون ان عدالت ۾ اماڻي. جسٽس راجا انعام منهاس درخواست ڏيندڙ جي وڪيل طرفان بينچ تبديل ڪرڻ جي اپيل رد ڪندي چيو ته اهي ضمانت جون درخواستون هيون، هي الڳ معاملو آهي، هي عدالت ڪيس ٻڌندي، اوهان ڪيس جي ميٽرس تي دليل ڏيو. تحريڪ انصاف باني جي وڪيل چيو ته ٻن درخواستن جا آرڊر به آهن، ٽرائل ڪورٽ کي ٻڌڻي کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جنهن تي جج چيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ فردجرم لاڳو ٿي چڪو آهي، شاهدن جا بيان ٿي رهيا آهن، هاڻي ائين ڪرڻ درست نه هوندو، هن ۾ نوٽيس جاري ڪن ٿا، ڊگهي تائين نه ڏيندا. عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي 28جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.7 ° C
10.7 °
10.7 °
27%
1.3m/s
7%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون