- Advertisement -
سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود حڪومت آئيني ترميم لاءِ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي،
سينيٽر عرفان صديقي آئيني ترميم اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا موجوده سيشن ملتوي ٿي ويندا،
نئين سيشن ۾ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي، پارليامينٽ مان ترميم منظور نه ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي ناهي، آئيني ترميمي مسودي جي ڪجهه نقطن تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي،
مولانا فضل الرحمان ڪيترن ئي نقطن تي متفق آهي، مسودو ڪڏهن به سامهون نه ايندو آهي،
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿي ويندا، نئين سيشن ۾ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي- Advertisement -
